فيروز پتافي

فيروز پتافي : مير بهرام خان ٽالپر ۽ مير صوبدار خان ٽالپر جي بيگناهه قتل کان پوءِ جيئن ئي تخت تي ميان غلام نبي ڪلهوڙي کي ويهاريائون ته راڄو ليکيءَ جي چوڻ تي ميان غلام نبي بيگناهه حيدرآباد جي قلعي ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي سان گڏ سندس ڀاءُ ميان محمود خان ڪلهوڙي، سندس پٽ ميان مير محمد خان ڪلهوڙي ۽ ميان عطر خان کي قيد ڪيو ۽ ميان عبدالنبي انهن چئني کي قتل ڪرائي ڇڏيو. فيروز پتافي ميان غلام نبي جو سپهه سالار هو، پر ان کان پهرين اهو ميان سرفراز جي خاص صلاحڪارن مان هو، جڏهن مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر حرمين کان سنڌ ۾ آيو تڏهن مير عبدالله خان ٽالپر، مير فتح علي خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر، مير فتح خان، مير سهراب خان ٽالپر، مير الله يار خان ٽالپر، مير محمود خان ٽالپر، مير ٺارو خان ٽالپر، مير شاد علي خان ٽالپر اچي وٽس حاضر ٿيا ۽ کيس ڪلهوڙن جي ظلم کان آگاهه ڪيائون، هيڏانهن ميان غلام نبي مير بجار خان سان جنگ ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو ۽ راڄو ليکي، مير بجار جي اچڻ جو ٻڌي اهڙو ته خوفزده ٿيو جو هڪدم زهر کائي خودڪشي ڪري ڇڏيائين. ميان غلام نبيءَ سان گڏ جنگ ۾ فيروز پتافي، الله بخش جهنجهڻ، محمد حسن کهاوڙ ۽ ٻيا سپهه سالار موجود هئا، مير خان ٽالپر'>بجار خان ٽالپر ۽ ميان غلام نبي جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ هزارين سپاهي قتل ٿي ويا، انهيءَ جنگ ۾ فيروز پتافي وڙهندي وڙهندي ٽالپرن جي بهادر سپاهين هٿان قتل ٿي ويو پر جنگ هلندي رهي، مير بهرام خان جي هڪ وفادار نوڪر يارو موقعو ڏسي جنگ ۾ ميان غلام نبيءَ کي تلوار هڻي قتل ڪري ڇڏيو. فيروز پتافي وڏو بهادر هو، مير بهرام ۽ مير صوبدار خان کي قتل ڪرائڻ وارن جي لسٽ ۾ هن جو پڻ نالو آهي.


لفظ فيروز پتافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو